بيرسٽر گوهر، عليمه خان ۽ ٻين کي هڪ دفعو ٻيهر عمران خان سان ملاقات کان روڪيو ويو

راولپنڊي: (رپورٽر) پي ٽي آءِ باني عمران سان ملاقات جي ڏينهن ڪيترن ئي پارٽي اڳواڻن ۽ گهر ڀاتين کي اڊياله جيل جي ٻاهران مختلف هنڌن تي روڪيو ويو.

اڄ عمران خان سان ملاقاتن جو ڏينهن آهي، ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري اڊياله جيل پهچي ويو، بشريٰ بي بي جا گهر ڀاتي مهرالنساءَ احمد، بشريٰ بي بي جو فوڪل پرسن راءِ سلمان کرل ايڊووڪيٽ ۽ سلمان صفدر ايڊووڪيٽ به اڊياله جيل جي ٻاهران پهچي ويو.

عمران خان سان ملڻ جي لاءِ آيل پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن کي گورک پور ناڪي تي روڪيو ويو. عليمه خان گاڏي مان لهي فٽ پاٿ تي ويهي رهي انهي کان علاوه بيرسٽر گوهر کي به ملاقات کان روڪيو ويو.

بيرسٽر گوهر چيو ته پوليس وارا ملاقات لاءِ وڃڻ نٿا ڏين ڇا ڪريون عدالتون پنهنجن حڪمن تي عمل نه پيون ڪرائي سگهن، گورک پور ناڪي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان چيو ته پوئين ڀيري به پوليس اسان کي چيو ته اسان اوهان کي وڃڻ نه ڏينداسين جنهن تان اسان اتي ويهي رهياسين.

هن چيو ته گذريل ملاقات جي ڏينهن هي اسان کي ڪنهن ويران جڳهه تي ڇڏي آيا هئا، هاڻ اسان نه وينداسين، پوئين ڀيري اسان سان ڌوڪو ڪيو ويو هي هاڻ اسان کي جتي روڪيندا اسان اتي ويهي رهنداسين.

Read Previous

حافظ آباد: زهريلي مٺائي کائڻ سبب 3 ٻارڙا فوت، 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي

Read Next

بلوچستان پاڪستان جي مٿي جو جهومر آهي، دهشتگردن جا 10 نسل به ڪجهه نٿا بگاڙي سگهن: آرمي چيف

Most Popular