
اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن جا 10 نسل به بلوچستان ۽ پاڪستان جو ڪجهه نه ٿا بگاڙي سگهن، جيستائين عوام پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ کي ڪو به نقصان نه ٿو پهچائي سگهي.
اسلام آباد ۾ پهرين اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي جنرل عاصم منير چيو ته اڄ مان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا جذبا ڏسي تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان ۽ مان پڪ سان چوان ٿو ته اسان جا اوهان لاءِ جذبا ان کان به وڌيڪ مضبوط آهن. توهان رڳو پاڪستان جا سفير نه، پر اها روشني آهيو جيڪا سڄي دنيا تي پوي ٿي.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو برين ڊرين جو بيانيو گهڙين ٿا، هو اِهو ڄاڻي وٺن ته هي برين گين آهي، سمنڊ پار پاڪستاني برين گين جو بهترين مثال آهن، توهان سڀني کي پاڪستان جي اها ڪهاڻي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين پهچائڻي آهي، جنهن بنياد تي اسان جي وڏڙن هي ملڪ حاصل ڪيو.
آرمي چيف وڌيڪ چيو ته ڇا دشمن اِهو سمجهن ٿا ته ڪجهه دهشتگرد پاڪستان جي تقدير جو فيصلو ڪري سگهن ٿا؟
هن چيو ته دهشتگردن جا ڏهه نسل به پاڪستان يا بلوچستان جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿا سگهن، بلوچستان پاڪستان جي تقدير ۽ مٿي جو جھومر آهي. جيستائين غيرتمند عوام اسان سان گڏ آهي، فوج هر ڏکيائيءَ کي منهن ڏئي سگهي ٿي.
جنرل عاصم منير چيو ته خدا پاڪستان کي اڻکٽ وسيلن سان نوازيو آهي، جنهن تي اسان کي هميشه شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اڄ اسين گڏجي واضح پيغام ڏئي رهيا آهيون ته جيڪو به پاڪستان جي واڌاري جي واٽ ۾ رنڊڪ بڻجندو، اسان گڏجي ان رنڊڪ کي هٽائينداسين.
هن چيو ته اسان ڪڏهن به ڏکيائين اڳيان نه جهڪيا آهيون نه ئي ڪڏهن جهڪنداسين، جيستائين عوام فوج سان گڏ آهي ملڪ کي ڪو به نقصان نه ٿو رسائي سگهي، قوم پنهنجن شهيدن کي وڏي عزت ۽ وقار سان ياد ڪري ٿي، سندن قربانيون لازوال آهن، جن کي ڪڏهن وساري نه سگهنداسين.
جنرل عاصم منير خطاب جي آخر ۾ چيو ته توهان پنهنجو ڳاٽُ هميشه فخر سان مٿي رکو، ڇو ته اوهان ڪنهن عام ملڪ جا شهري نه پر هڪ عظيم ۽ سگهاري ملڪ جا نمائندا آهيو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، هئي ۽ هميشه رهندو. پاڪستانين جا دل هميشه غزه جي مسلمانن سان ڌڙڪندا رهندا.