ٽوئٽر جي ڊائريڪٽ ميسج ۾ نئون فيچر شامل ڪيو ويو

لنڊنمائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر تازو ئي پنهنجي ڊائريڪٽ ميسج(ڊي ايم) ۾ هڪ  نئون فيچر شامل ڪري ورتو آهي.  جنهن کان پوءِ هاڻ صارف کي ميسج موڪلڻ واري نامعلوم شخص جي اڪائونٽ جا تفصيل به معلوم ٿي سگهندا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ٽوئٽر صارفين کي پنهنجي ٽوئٽر سپورٽ اڪائونٽ مان ڊائريڪٽ ميسج(ڊي ايم) جي نئين فيچر کي سائٽ ۾ شامل ڪرڻ کان آگاهه ڪيو آهي. ٽوئٽر موجب هاڻ صارف کي جڏهن به ڊائريڪٽ ميسج(ڊي ايم) ريڪويسٽ ملندي ته ان سان گڏ ئي ميسج ڪندڙ شخص جي اڪائونٽ جا تفصيل به سامهون اچي ويندا.  نئين فيچر جي تحت ڊائريڪٽر ميسج(ڊي ايم) ريڪويسٽ ملندڙ شخص کي اهو به ٻڌايو ويندو ته اوهان ٽوئٽر تي ان شخص سان ڪيئن گڏ ٿيا آهيو. جيئن ئي ڪوبه صارف ريڪويسٽ ميسج تي ٽيپ ڪندو ته ان کي فورن ميسج موڪليندڙ شخص جي پروفائل جي ڄاڻ به نظر ايندي. ياد رهي ته هن فيچر جي اچڻ کان اڳ صارف کي ڊائريڪٽ ميسج(ڊي ايم) ريڪويسٽ موڪلڻ واري شخص جي پروفائل جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي  لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي هئي.

Read Previous

مهوش حيات واندڪائي دوران فلوفي ۽ اوريو سان وقت گذارڻ لڳي

Read Next

برطانيه ۾ ٿولهه سبب متاثر ماڻهن جي انگ ۾ اسي سيڪڙو واڌ

Most Popular