اظهر علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڇهه هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پنجون پاڪستاني بڻجي ويو

لاهور: قومي ڪرڪيت ٽيم جو ڪپتان اظهر علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 6000 رنسون مڪمل ڪندڙ پنجون پاڪستاني بڻجي ويو.  پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ جاري ٽئين ٽيسٽ ۾ اظهر علي جوفرا آرچر جي بال تي چوڪو هڻي 6 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن.  اظهر علي کان اڳ محمد يوسف، انضمام الحق، يونس خان ۽ جاويد ميانداد اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن. ان کان علاوه ٽيسٽ ڪپتان هن اننگز ۾ 141 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو ۽ اها ان جي ڪيريئر جي سترهين سينچري آهي.  ياد رهي ته اظهر علي جو هي 81هون ٽيسٽ آهي ۽ هو 31 هاف سينچريون به ٺاهي چڪو آهي.

Read Previous

برطانيه ۾ ٿولهه سبب متاثر ماڻهن جي انگ ۾ اسي سيڪڙو واڌ

Read Next

نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد جو مقصد ڪهڙو هو؟ جوابدار جا عدالت ۾ وڌيڪ انڪشاف

Most Popular