پاڪستاني اداڪاره نمره خان زخمي ٿي پئي

لاهور: پاڪستاني اداڪاره نمره خان پنهنجي فالوورز سان شيئر ڪيو آهي ته مان ڏاڪڻن تان ڪري زخمي ٿي پئي آهيان جنهن سبب منهنجي مٿي ۽ چهري تي ڪافي ڌڪ لڳا آهن. انسٽاگرام اسٽوريز ۾ نمره پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾  ان جي نڪ ۽ اک وٽ گهرا ڌڪ صاف نظر اچي رهيا آهن. نمره مداحن کي ٻڌايو ته الله جي مهرباني ۽ اوهان سڀني جي دعا آهي ته هاڻ  زخم بهتر ٿي رهيا آهن. هن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجون تصويرون به شيئر ڪيون ۽ هڪ ٻئي تصوير ۾ ٻڌايو ته مٿي ۾ لڳندڙ اندروني ڌڪ سبب تڪليف گهڻي آهي. جنهن کان پوءِ نمره ميڪ اپ واري خوبصورت تصوير به شيئر  ڪئي جنهن ۾ ان جا زخم نظر نه اچي رهيا آهن.  اداڪاره ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته مان پنهنجا زخم ميڪ اپ سان لڪائي ڇڏيا آهن هميشه مسڪرائيندا رهو. ياد رهي ته نمره خان ان کان اڳ 2014 ۾ هڪ ڪار حادثي کي منهن ڏئي چڪي آهي جنهن ۾ ان جي ٽنگ سخت متاثر  ٿيڻ کان علاوه ٻيا به گهرا ڌڪ لڳا هئا  سندس حالت ڪافي ڳڻتي جوڳي هئي پر هن همت ۽ حوصلي سان حالتن جو مقابلو ڪيو.  نمره خان اپريل 2020 ۾ سادگي سان شادي ڪئي هئي ان جو مڙس راجه افتخار لنڊن ۾ پوليس آفيسر آهي.

Read Previous

سي سي پي او لاهور جي مقرري تي آءِ جي پنجاب ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

سرفراز احمد انگلينڊ ۾ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو

Most Popular