لاهور موٽر وي تي عورت سان اجتماعي زيادتي، پنجاب جي وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو

لاهور:  پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار موٽر وي جي ويجهو  عورت سان سان ٿيندڙ اجتماعي زيادتي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.   رپورٽ موجب گجرپور جي علائقي ۾ موٽر وي  تي انسانيت لڄائيندڙ واقعو سامهون آيو آهي. جنهن ۾  گوجرانوالا جي رهواسڻ ثنا نالي عورت ڊفينس ۾ رهندڙ پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ جي لاءِ لاهور آئي هئي. واپسي جي دوران ثنا جي ڪار جو پيٽرول ختم ٿي ويو.  هن پنهنجي  مائٽ سردار شهزاد کي اطلاع ڏني ۽  سندس انتظار ۾ گاڏي مان لهي بيهي رهي. ان دوران ٻه شڪي ماڻهو عورت طرف آيا جنهن کي ڏسي عورت پنهنجي ٻارن سان گڏ گاڏي ۾ اندر ويهي رهي. ڦورن عورت کي شيشا کولڻ جي لاءِ چيو جڏهن   عورت شيشا نه کوليا ته  ڦورن  شيشا ڀڃي گن پوائنٽ تي ان کي گاڏي مان لاهي ڪيرول واري جڳهه ويران جڳهه تي وٺي زيادتي جو نشانو بنايو.  ذريعن موجب ڦورن عورت کي ان جي ٻارن جي سامهون زيادتي جو نشانو بنايو جنهن کان پوءِ عورت جي حالت خراب ٿيڻ تي کيس اتي ئي ڇڏي فرار ٿي ويا. ڦورو عورت کان هڪ لک روڪ، 2 تولا زيور، هڪ عدد برسليٽ، گاڏي جو رجسٽريشن ڪارڊ ۽ 3 اي ٽي ايم ڪارڊ کڻي فرار ٿي ويا.  عورت جو مائٽ سردار جڏهن گاڏي وٽ پهتو ته عورت اتان کان غائب هئي ۽ گاڏي جي شيشن تي رت لڳل هو عورت جي مائٽ عورت کي ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مذڪوره عورت  ويران جڳهه تان گاڏي طرف ايندي ملي. جنهن تي عورت روئيندي پنهنجي مائٽ کي سموري  واقعي کان آگاهه ڪيو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي فرانزڪ ۽ پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي. پوليس عورت جي مائٽ سردار شهزاد جي بيان تي ڪيس داخل ڪري سيف سٽي جي ڪمرن جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب ڦورن جي ڳولا جاري آهي. ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ پوليس پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي اميد  آهي ته جلد ئي اسان کي ڪاميابي ملي ويندي.  پوليس جوابدارن جو خاڪو تيار ڪري ورتو آهي آهي جڏهن ته عورت جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ به زيادتي ثابت ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ  جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ سي آءِ اي ۽ انويسٽيگيشن جي گڏيل ٽيم ڪم ڪري رهي آهي. پوليس آفيسرن واقعي واري هنڌ جو پاڻ به دورو ڪيو آهي. هوڏانهن پنجاب جي  وڏي وزير عثمان بزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير پوليس کي جوابدارن جي گرفتاري ۽ عورت کي انصاف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

ڪراچي: ڪورنگي ڪراسنگ جي ويجهو الله والا ٽائون ۾ هڪ عمارت گر ٿي وئي

Read Next

خيرپور ۾ ٻوڏ متاثرن جي ٻيڙي اونڌي، ٻه ٻار ٻڏي ويا

Most Popular