سينيٽ جي اجلاس ۾ نه ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سينيٽرن جي هڪٻئي کي گار گند

اسلام باد: سينيٽ جي اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) جي سينٽر مشاهدالله ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيٽر ميان عتيق شيخ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ. سينيٽ جي اجلاس دوران مشاهدالله خان ۽ ميان عتيق شيخ هڪ ٻئي کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون. مشاهدالله ۽ ميان عتيق سينيٽ اجلاس دوران هڪٻئي خلاف غير پارلياماني لفظن جو به استعمال ڪيو. سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي مشاهدالله خان ۽ ميان عتيق طرفان استعمال ڪيل غير پارلياماني لفظن کي ڪارروائي حذف ڪرائي ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي سينٽر ميان عتيق چيو ته هي ماڻهن جي عزت کي ڇيهو ٿا ڏين، تنهن ڪري هن کي ايوان مان ٻاهر ڪڍيو وڃي. سينٽر مشاهدالله چيو ته ڪراچي ۾ 20 سال رهيو آهيان، هنن جي پارٽي مونکي 2 دفعا قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري چڪي آهي، مون ٽيو ڏينهن هن کي ڪجهه نه چيو هو. سينٽر بابر اعواڻ چيو ته جڏهن ضمني سوال ڪيو وڃي ته ان سوال تائين ئي رهڻ گهرجي جڏهن ته بيريسٽر سيف چيو ته سياسي حملا ڀلي ڪيا وڃن پر ذاتي حملا نه ٿيڻ گهرجن، گارگند سان ايوان جي بيعزتي ٿي ٿئي.

Read Previous

گڏيل مخالف ڌر پاران قومي سلامتي جي اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن ۾ اضافو، انگ ڇهه هزار کان وڌي ويو

Most Popular