ڪراچي ۾ افغاني پٺاڻن ھٿان مارجي ويل نوجوان جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري

گلشن اقبال: ڪجھ ڏينھن اڳ افغاني پٺاڻن ھٿان مارجي ويل نوجوان عبدالحميد گبول جي وارثن سان  تعزيت جو سلسلو جاري آھي پ پ اڳواڻ لکمير گبول ۔جان محمد گبول۔اڳوڻي يوسي چيئرمين الياس گبول ۽ ٻين پاران تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي لکمير گبول۔جان محمد گبول ۽ ٻين چيو ته  افغانين بيگناھ نوجوان  عبدالحميد کي معمولي ڳالھ تان قتل ڪيو آھي ھنن چيو ته پوليس ڪيس ۾ سھڪار ڪري پئي پر ائين نه ٿئي ته اڳتي ھلي ڪيس کي خراب ڪيو وڃي سندن چوڻ ھو ته مک جوابدار سان گڏ ڪجھ ٻيا به دھشتگرد ھئا انھن کي به گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي لکمير گبول ۽ ٻين مطالبو ڪيو آھي ته مک جوابدارن سان گڏ ٻين جوابدارن کي فورن گرفتار نه ڪيو ويو ته ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

سنجهورو ۾ پاڪستان خاصخيلي تنظيم جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس

Read Next

سرحد بائي پاس ڀرسان زمين تان قبضو ڇڏائڻ لا۽ پوليس جو گھيرو.ڇڪتاڻ بعد قبضو ختم

Most Popular