اسلام ڪوٽ پوليس پاران نشي آور شيون وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪرڻ تان واپاري مڇرجي پيا،شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ پوليس پراڻي مارڪيٽ ۾ ڪنفيشنري جو دڪان هلائيندڙ نوجوان  سنتوش ولد مهاديو لوهاڻو  کي نشي آور سفينا پڙيون وڪرو جي الزام هيٺ  گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ،نوجوان واپاري جي گرفتاري واري واقعي خلاف واپاري ايسوسيشن جي سڏ تي واپارين صبح سوير کان ئي پنهنجا دڪان نه کوليا ۽  شٽر بند هڙتال ڪري سمورا واپاري گڏجي واپاري اڳواڻ ڪلديپ پارواڻي،ويرجي مل  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون موڙ وٽ  مۡنو ڪلاڪ  ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري  پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي،اۡنهي موقعي تي واپاري اڳواڻ ڪلديپ پارواڻي ۽ ويرجي مل ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته  نوجوان سنتوش پنهنجي  دڪان تي ويٺو هو جنهن کي  کڻي ميمڻ تڙ موڙ وٽان گرفتاري ظاهر ڪري سندن وٽان ٽي پڙا  سفينا پڙيون هٿ اچڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي،جيڪو سراسر غلط آهي،اڳواڻن چيو ته اصل ۾ جاچ ڪئي وڃي ته هتي سفينا پڙيون توڙي ٻي منشيات  اڪثر ڪري  پوليس جي سرپرستي ۾ هلي  ٿي.اسان گهر ڪيون ٿا ته گرفتار  نوجوان تان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري آزاد نه ڪيو ويو تيستائين احتجاج جاري رهندو،ڌرڻي توڙي شٽربند هڙتال جي اطلاع تي  ڊي ايس پي مٺي هارون رشيد سراهي به اسلام ڪوٽ پهچي ايڪس ناظم گهنشامداس جي موجودگي ۾  واپاري اڳواڻن  سان ڳالهيون ڪري شفاف جاچ ڪرائي انصاف جي خاطري ڪرائي جنهن تي واپارين احتجاج ختم ڪري پنهنجا دڪان کولي ڇڏيا،هوڏانهن انهي سلسلي ۾  اسلام ڪوٽ  پوليس جو چوڻ هو گرفتار نوجوان نشي آور پڙيون هلائيندڙ آهي ۽ سندن  وٽان سفينا پڙيون هٿ اچڻ بعد گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي،هوڏانهن احتجاج ختم ڪرڻ بعد واپاري اڳواڻن ۽ ڊي ايس پي مٺي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون انهي سلسلي  ۾ واپاري اڳواڻ ڪلديپ موجب ڊي ايس پي خاطري ڪرائي آهي انڪوائري ڪري نوجوان کي گرفتار ڪندڙ ٻنهي  اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ ڪيس کي بي ڪلاس ۾َخارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي،

Read Previous

ڪشمور ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري وين جي ڪلينر ارسلاح سبزوئي کي قتل ڪري ڇڏيو

Read Next

جيستائين نيب آهي هن ملڪ ۾ ڪوبه ڪم نٿو ٿي سگهي: شاهد خاقان عباسي

Most Popular