ڪپتان خلاف سڀ يڪجا ، نيب سرگرم ڇا مفاهمت ٿيندي

عمران خان

 سيد زوار حسين شاهه

جنهن طرح سان  هڪ سياسي پارتين جا اڳواڻ هڪ ٻئي خلاف رهندا آهن  پر ڪپتان جي ڪيل محنت  هڪ ڪمال  ڪيو آهي ته  ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري هڪ ٻئي جا ڪٽر دشمن هيا هڪ ٻئي جو منهن به ڏسڻ برداشت نه ڪندا هيا اڪثر هڪ هڪ ٻئص مٿان ڪيس پن داخل ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻئي مٿان  انتهائي خطرناڪ الام به هنندا رهيا آهن  پر هاڻ نيب جي تيزي ، ڪپتان جي ڦڙتي  انهن وڏين سياسي پاڙتين کي هڪ ڪري ڏيکاريو آهي  هاڻ  ڪپتان کي گهر ڀيرور ڪرڻ لاء سڀ يڪجا پيا نظر اچن جڏهن ته پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان به واضع چيو ته ڪجهه به ٿئي جنهن جنهن مٿان به ڪرپسن جا الزام عائد آهن  انهن سان نه مفاهمت ٿيندي نه ڪو انهن کي اين آر او ملندو ، وزيراعظم عمران خان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي واپسي لاءِ آئيني معاملا ڏسڻ ۽ مخالف ڌر جي تحريڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪابينا جي ڪميٽي جوڙيندي چيو آهي ته برطانوي حڪومت جي مدد سان نواز شريف کي واپس آڻينداسين، نواز شريف کي عدالتن آڏو پيش ٿيڻو پوندو، ڪرپشن ڪيسن ۾ ڪنهن کي به معافي نه ملندي ۽ نه ئي وري اين آر او ملندو، نواز شريف بيماري جو بهانو بڻائي ڀڳو آهي، کيس هرصورت ۾ واپس آندو ويندو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ سمورا قانوني آپشنز استعمال ڪنداسين ۽ نواز شريف کي برطانوي حڪومت جي مدد سان هر صورت ۾ واپس آندو ويندو. هن چيو ته نواز شريف بيماري جو بهانو ڪري ملڪ مان ڀڳو آهي، کيس عدالتن ۾ پيش ٿيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ڪرپشن تي نه ڪنهن کي معافي ملي آهي ۽ نه ئي ڪو اين آر او ڏنو ويندو ۽ مخالف ڌر کي احساس ٿي ويو آهي ته اين آر او ملڻ وارو ناهي ان لاءِ ڪرپشن ڪيسن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ  ادارن خلاف مهم شروع ڪئي وئي آهي، حڪومت مخالف ڌر جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندي ۽ احتساب جو عمل هر صورت ۾ جاري رهندو، جڏهن ته اجلاس ۾ شهباز شريف جي گرفتاري، مريم نواز جي پريس ڪانفرنس ۽ ليگي اڳواڻن جي بيانن تي غور ڪيو ويو. ڪابينا چيو ته ليگي اڳواڻ غلطي مڃڻ بدران ادارن کي تڪراري بڻائي رهيا آهن. وزيرن چيو ته (ن) ليگ جي  ڏوهارين کي ڏوهارين وانگر ئي ڊيل ڪيو وڃي ۽ جنهن جون وزارتون آهن اهي پنهنجو پنهنجو قانوني نقطو سامهون آڻين. فيصل واوڊا چيو ته لاڳاپيل وزيرن کي آئيني معاملا عوام آڏو رکڻ گهرجن، بابر اعواڻ چيو ته نواز شريف ڏوهاري آهي ان جي واپسي لاءِ اهو سڀ کان وڌيڪ مضبوط دليل آهي، جنهن تي وزيراعظم نواز شريف جي واپسي لاءِ آئيني معاملا ڏسڻ ۽ مخالف ڌر جي تحريڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪابينا جي ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي جيڪا مختلف آئيني معاملن کي ڏسندي، ڪميٽي اسد عمر، شفقت محمود، شيخ رشيد، فواد چوڌري، بابر اعواڻ ۽ شهزاد اڪبر شامل آهن،ان ڪميٽي کي سمورا هدف ٻڌايا ويا آهن                                               .

مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) حڪومت خلاف باقاعده تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪندي 11 آڪٽوبر کان ڪوئيٽا ۾ پهريون جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ تنظيمي ڍانچي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي منظوري ڏيندي 11 آڪٽوبر تي ڪوئيٽا ۾ پهريون جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ جمهوريت تي راتاهي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. پارليامينٽ ۽ آئين تي پابندي، مهانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن، معيشت جي تباهي سميت عوام کي درپيش مشڪلاتن جي مذمت ڪندي ان تي بحث ڪيو ويو. شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ڊي ايم ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي، عوام جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جي مقصد تي ٺهي آهي ۽ اجلاس ۾ انهن نقطن تي ئي غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي منظوري ڏني وئي آهي جيڪا تحريڪ کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي ۽ هي ان اسٽيئرنگ ڪميٽي جو پهريون اجلاس هو. هن چيو ته تنظيمي ڍانچو پارٽي جي اڳواڻن کي موڪليو ويندو ۽ تحريڪ جو شيڊيول هن هفتي ئي مڪمل ڪري عوام آڏو پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته پهريون جلسو 11 آڪٽوبر تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اهو جلسو تاريخي ٿيندو، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ان تحريڪ کي پکيڙيو ويندو ۽ پاڪستان کي هن غيرجمهوري عمل ۽ حڪومت کان هر صورت ۾ نجات ڏيارينداسين. هن چيو ته سڀئي پارٽيون انهن فيصلن تي متفق آهن ۽ تحريڪ پاڪستان جي تاريخ ۾ نه رڳو هڪ سنهرو قدم آهي پر ان سان هڪ حقيقي سياسي تبديلي هتي ايندي. هن چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ هر پارٽي جا ٻه ميمبر هوندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀني صوبن ۾ پي ڊي ايم جا مرڪزي جلسا ٿيندا ۽ سڀني شهرن ۾ به جلسا ڪيا ويندا. هن چيو ته 5 آڪٽوبر تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ٻيون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ لائحه عمل طئي ڪيو ويندو. پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شهباز شريف جي گرفتاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. هن چيو ته اهڙي قسم جي حرڪتن سان جمهوري ادارا ڪمزور ٿيندا ۽ پاڪستان عوام جي ڪاوڙ ۾ اضافو ٿيندو. جيڪڏهن شهباز شريف خلاف ريفرنس داخل ٿي ويو هو ته پوءِ سندس گرفتاري جو ڪو به جواز نه ٿو ٿئي. هن چيو ته وفاقي وزير ٽي وي تي اچي رڳو هڪ ئي ڳالهه جي رٽ لڳائيندا آهن ته اسان هيترن ئي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ پيشنگوئيون ڪندا آهن ته هاڻي ڪير گرفتار ٿيندو. هن چيو ته نيب جي آزاد حيثيت تڪراري ٿي وئي. آهي، حڪومت ۽ نيب جو ڳٺ جوڙ جو هاڻي عوام کي به سمجهه ۾ اچي ويو آهي. هن چيو ته نيب ۾ احتساب ته ٿي رهيو هوندو پر ڪنهن جي توهين ۽ بي عزتي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ڪو به قانون ان جي اجازت نه ٿو ڏي. راجا پرويز اشرف چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي 11 آڪٽوبر تي پهريون جلسو ڪوئيٽا ۾ ڪرڻ جو ڪيو آهي. پاڪستان جي سياست ۾ هي تحريڪ تاريخ جوڙيندي ۽ جلسن جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ شروع ٿيندو. هن چيو ته پي ڊي ايم سمجهي ٿي ته عوام هن وقت مشئڪلاتن ۾ آهي ۽ سندس جيئڻ حرام ٿي ويو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري عام ماڻهو جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي. هن وقت هر طرف لاقانونيت آهي. هن چيو ته جهڙي طرح معاشي معاملا، پرڏيهي پاليسي کي هلايو پيو وڃي، اها پاڪستان لاءِ تڪليف واري آهي ۽ ملڪي استحڪام لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي. هن چيو ته ذميوار مخالف ڌر هوندي سڀئي پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته پاڪستان جي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي. هاڻي جيڪو مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ٿيو جنهن سان اهي پريشاني ۾ وٺجي ويا آهن. هن چيو ته پينشن وٺندڙ هاڻي ان قابل ناهن رهيا ته اهي ٻه وقت جي ماني کائي سگهن. اهڙن معاملن ۾ مخالف ڌر گهرن ۾ نه ٿي ويهي سگهي. راجا پرويز اشرف چيو ته هڪ جمهوري نظام جو حصو آهيون ۽ چاهيون ٿا ته جمهوري انداز ۾ عوام سان گڏ بيهون ۽ اڳتي وڌون. هڪ سوال تي هن چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي گڏيل طور تي هوندي، پهرين مهيني ۾ مسلم ليگ (ن) وٽ هوندي ۽ احسن اقبال ان جو ڪنوينر هوندو. جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر عبدالغفور حيدري چيو ته تحريڪ جو باقاعده آغاز 11 آڪٽوبر کان ڪيو پيو وڃي ۽ اها تحريڪ هن سليڪيٽيڊ ۽ نااهل حڪومت خلاف جاري رهندي. اسان سمجهون ٿا ته ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود هن حڪومت عوام سان ڪيل هڪ واعدو به پورو ناهي ڪيو. هن چيو ته هن وقت ڪرپٽ حڪومت آهي ۽ ان جي ڪرپشن جي ڪهاڻي سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي آهي پر نيب رڳو مخالف ڌر جا پٽڪا لاهڻ ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ ۾ پوري آهي. عبدالغفور حيدري چيو ته اسان هن غيرجمهوري حرڪتن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون ۽ انهن ناجائز ڪوششن ۽ دٻاءُ جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ڏسڻو اهو اهي ته جنهن طرح سان اپوزيسن سياسي پارتيون گڏ ٿي رهيون آهن ڇا جيڪڏهن هو ڪپتان خلاف تحريڪ به هائين ته ڇا هو ڪامياب ٿيندا ، ڇا مفاهمت ٿيندي ،

Read Previous

پاڪستان ڪشمير مسئلي لاءِ ڇا سوچيو آهي..؟؟غلام مصطفي جمالي

Read Next

اوٻاوڙو پوليس جي ڪارروائي ڏوهارين کي گرفتار ڪري ميڊيا آڏو پيش

Most Popular