گڏاپ جي درساڻو ڇنو قائد آعظم پبلڪ اسڪول ۾ پهرين درجي کان ڪلاس شروع ٿي ويا

ملير(ڊ ر) پرنسپال ڊاڪٽر الطاف حسين شاھ استادن سان گڏ مستقبل جي معمارن کي گلن جا تحفا پيش ڪري رهيو آهي ، قائد آعظم پبلڪ اسڪول جي انتظاميا سرڪار پاران ايس او پيز وارين هدايتن تي ڀرپور نموني عمل ڪرائي اهو ميسج ڏنو آهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن پر جيڪڏهن تعليم جو ڏيئو روشن رکڻو آهي ته پوءِ وقت ۽ حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پهرين درجي جي شاگردن کي به انهي ته عمل ڪرائي سگهجي ٿو قائد آعظم پبلڪ اسڪول جي پرنسپال ڊاڪٽر الطاف حسين شاھ جو چوڻ آهي ته اسان سڀ ڪجھ ڪري سگهون ٿا پنهنجي تعليم جي معيار کي بهتر رکڻ ڪورونا جهڙي وبا کان شاگردن کي بچائڻ لاءِ ميڊيڪل جي ماهرن ۽ حڪومت پاران ڏنل هدايتن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ايس او پيز تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪرائڻ لاءِ تياري ڪري تعليمي سرگرميون جاري رکي سگهون ٿا پرنسپال الطاف شاھ وڌيڪ چيو اسان لاءِ تعليم اهم آهي ان سان گڏ شاگردن جي صحت لاءِ ايس اوپيز تي عمل ڪرائڻ به اسان جو فرض آهي هن چيو ته اسڪول ۾ سينيٽائيزرگيٽ،گلوز، ماسڪ جي استعمال کي ترجيع ڏنل آهي شاگردن ، اسٽاف، والدين لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ کي اوليت ڏني وئي آھي,  ته جيئن ڪورونا وبا کان بچي سگهجي.  هن چيو ته قائد آعظم پبلڪ اسڪول جي انتظاميا هميشه حڪومت جي هدايتن کي اهميت ڏئي عمل ڪيو آهي ۽ پنهنجي شاگردن جي تعليم جي معيار کي بلند ڪيو آهي هن چيو ته اسان کي تعليم تي ڌيان ڏيڻو آهي ته جيئن ڪورونا جي دوران تعليم جي حاصلات لاءِ آيل وٿي کي ڀري سگهجي.

Read Previous

اوٻاوڙو پوليس جي ڪارروائي ڏوهارين کي گرفتار ڪري ميڊيا آڏو پيش

Read Next

ڪورونا ۾ خسارو، ڊزني 28 هزار ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو

Most Popular