اوگرا ايل پي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) آڪٽوبر جي لاءِ ايل پي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.  گذريل ڏينهن اوگرا ايل پي جي جي اگهن ۾ 2.87  روپيه في ڪلو واڌ جي منظوري ڏني هئي. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي سلينڊر جي اگهن ۾ 33.90 روپيه في سلنڊر واڌ ٿي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آڪتوبر 2020 جي لاءِ 11.8 ڪلو گرام جي گهريلو سلنڊر جا نوان اگهه 1416.29 روپيه مقرر ٿي ويا آهن. واضح رهي ته سيپٽمبر 2020 ۾ 11.8 ڪلو گرام جي گهريلو سلنڊر جي قيمت 382.381 روپيه هئي.

Read Previous

مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو ته ان جو جواب پاڪستاني عوام ڏيندي: مريم اورنگزيب

Read Next

دليپ ڪمار پشاور جي شهرين کي سندس اباڻي گهر جون تصويرون شيئر ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

Most Popular