”را“ بنگلاديش ۾ چيني انجنيئر کي قتل ڪرائي ڇڏيو

بنگلاديش: بنگلاديش ۾ ڪم ڪندڙ هڪ چيني انجنيئر جي قتل جو الزام ڀارتي ڳجهي ايجنسي را تي هنيو ويو آهي. چيني ٽيڪنيشن لائوفن کي ضلعي فيروز پور ۾ اٺين بنگلاديش چائنا فرينڊشپ برج جي اڏاوتي سائيٽ جي ويجهو هڪ تيز اوزار سان قتل ڪري ڇڏيو. فيروز پور جي روڊ اينڊ هاءِ ويز ڊپارٽمينٽ جي سربراهه مسعود محمود سمن چيني جي قتل جي تصديق ڪندي چيو آهي ته 58 سالن جو لائوفن اڏاوتي پراجيڪٽ جو چيف ٽيڪنيشن هو. قتل ٿيل چيف ٽيڪنيشن جي ترجمو ڪندڙ ٻڌايو ته لائوفن کي ان وقت قتل ڪيو ويو جڏهن هو شام جي وقت مزدورن کي سندن ڏهاڙي ڏيڻ وڃي رهيو هو. بنگلاديشي فوج جي ميجر رٽائرڊ دلاور حسين سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته چيني شهري کي ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ قتل ڪرايو آهي.

Read Previous

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سنڌ حڪومت تي ڏنڊ رکي ڇڏيو

Read Next

فن لينڊ ۾ سورنهن سالن جي ڇوڪري هڪ ڏينهن لاءِ وزيراعظم بڻجي وئي

Most Popular