ڪوٽڙي ( رپوٽر : محمد اظھر رند ) لڳ ٻن ڌرين کوسا ۽ مگسي برادري ۾ زميني پلاٽ جي تڪرار سبب جھڙو ٿي پيو ان دوران ڌرين ھٿيارين جا منهن کولي ڇڏيا جنهن کانپوء علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ان نتيجي ۾ 30 سالن جو نوجوان انور مگسي مارجي ويو 3 ڄڻا علي حيدر نظام شير محمد زخمي ٿي پيا جنهن کي تعلقي اسپتال پھچايو ويو مارجي ويل نوجوان جي وارثن اسپتال جي مک دروازي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو لڳايو وقت تي پوليس پھچي خاطري کانپوء مظاھرين احتجاج ختم ڪيو ويو ـ