مٽياري: آل پاڪستاني مري اتحاد جي گڏجاڻي ٿي گذري، مري قوم سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ متحد آهي

مٽياري : مٽياري  ۾ آل پاڪستان مري اتحاد جي گڏجاڻي ٿي گذري مٽياري ضلعي جي ڪيترن ئي مري برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي   آل پاڪستان مري اتحاد جي ضلعي جي باڊي جي تقريب کي واحد جان مري سميت اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ اسان کي پنهنجو نفرتون ويڇا وساري جهيڙا ختم ڪري پنهنجي مري قوم کي سنڌ امڙ سميت ملڪ پاڪستان جي ترقي لاء متحد ٿيڻو پوندو اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنھنجي اولاد کي تعليم ڏياريو ته جيئن ھو پنھنجي برادريء لاءِ ڪجھ ڪري سگهن تقريب دؤران مٽياري ضلعي جي باڊي جوڙي وئي مٽياري ضلعي لاء لال محمد مري کي صدر،علي داد مري کي نائب صدر، واحد جان مري کي انفارميشن سيڪريٽري، داد محمد خان کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻ آواز حق اتحاد جي چيئرمين پير علي شير سرھندي خصوصي طور شرڪت ڪئي ضلعي تنظيم سازي جي تقريب کانپوء پير علي شير سرھندي پوري عالم جي انسانيت لاء دعا پڻ گھري،،

Read Previous

نوابشاهه جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊاڪٽر پنھنجي مبينه غفلت سبب ھرنيا جو آپريشن ڪندي معصوم ٻارڙي جو نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو

Read Next

سانگهڙ : نواب شاه روڊ تي اسڪولي شاگرد کڻي ايندڙ ٻن چنگچي رڪشه ۾ ٽڪر چار ٻارڙا زخمي ڇهين ڪلاس جي شاگرد ارجن جي ٽنگ ڀڄي پئي

Most Popular