لاهور: پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم اڄ 26هين سالگره ملهائي رهيو آهي. 15 آڪٽوبر 1994ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم 26 سالن جو ٿي ويو آهي. راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ سينٽرل پنجاب جي ٽيم خيبرپختونخواهه جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪندي ڪپتان جي سالگره کي يادگار بنائي ڇڏيو. ان موقعي تي ٽيم انتظاميه ننڍي تقريب جو به اهتمام ڪيو. بابر اعظم کي جڏهن اوچتو ڪيڪ ڪاٽڻ جي دعوت ڏني وئي ته هو حيران ٿي ويو. ساٿي رانديگرن مبارڪباد ڏيڻ سان گڏ ڪپتان سان گڏ تصويرون به ڪڍرايون. ٽيم مئنيجر اظهر زيدي رانديگرن کي آٽوگراف واري سينٽرل پنجاب جي شرٽ تحفي ۾ ڏني.