ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ڇوويهه سالن جو ٿي ويو

لاهور: پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم اڄ 26هين  سالگره ملهائي رهيو آهي. 15 آڪٽوبر 1994ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم 26 سالن جو ٿي ويو آهي. راولپنڊي اسٽيڊيم  ۾ سينٽرل پنجاب جي ٽيم خيبرپختونخواهه جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪندي ڪپتان  جي  سالگره کي يادگار بنائي ڇڏيو. ان موقعي تي ٽيم انتظاميه ننڍي تقريب جو به اهتمام ڪيو. بابر اعظم کي جڏهن اوچتو ڪيڪ ڪاٽڻ جي دعوت ڏني وئي ته هو حيران ٿي ويو. ساٿي رانديگرن مبارڪباد ڏيڻ سان گڏ ڪپتان سان گڏ تصويرون به ڪڍرايون. ٽيم مئنيجر اظهر زيدي رانديگرن کي آٽوگراف واري سينٽرل پنجاب جي شرٽ تحفي ۾ ڏني.

Read Previous

سانوري رنگ ۽ ٿلهي ماڻهن سان مذاق ڪرڻ ختم ڪريو: آمنه الياس

Read Next

ڇا هڪ سئو سال پراڻي ٽي بي جي ويڪسين سان ڪورونا جو علاج ممڪن آهي؟

Most Popular