عائزا خان جي تازين تصويرن ڏسندڙن کي موهي وڌو

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا عائزا خان جي تازين تصويرن ڏسندڙن کي موهي وڌو. پاڪستاني ڊراما انڊسٽريءَ جي ناليواري اداڪارا عائزا خان سوشل ميڊيا تي چاهيندڙن لاءِ پنهنجون تصويرون ۽ پيغام جاري ڪندي رهندي آهي. گذريل ڏينهن به عائزا خان انسٽاگرام تي پنهنجي نئين فوٽو شوٽ جون تصويرون پوسٽ ڪيون، جن کي ڏسي مداح اداڪارا جي تعريف کانسواءِ نه رهي سگهيا. عائزا خان پنهنجي هڪ تازي تصوير ۾ نيڻ جُهڪائي مُرڪي رهي آهي ۽ هٿن تي لڳل ميندي اداڪارا جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. هڪ ٻي تصوير ۾ عائزا خان پنهنجو رَئو پڪڙي بيٺل آهي ۽ لڳي ٿو ته ڄڻ هوءَ ڪنهن جو انتظار ڪري رهي آهي، جڏهن ته وڌيڪ هڪ تصوير ۾ اداڪارا وڻندڙ انداز ۾ سائيڊ پوز ڏنو آهي. عائزا خان جي انهن تصويرن کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

وزير اعظم عمران خان مخالف ڌر خلاف سخت ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري لاءِ تيارين جي تصديق ڪري ڇڏي

Most Popular