راهول گانڌي پاڪستان کي ڀارت کان بهتر قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي : ڀارت ۾ اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي بي جي پي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪورونا بحران کي منهن ڏيڻ جي معاملي ۾ پاڪستان ۽ افغانستان ته ڀارت کان به وڌيڪ بهتر ثابت ٿيا. ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي هڪ طنزيه ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ”بي جي پي حڪومت جي هڪ ٻي ٺوس ڪاميابي، پاڪستان ۽ افغانستان به اسان کان بهتر انداز ۾ ڪووڊ جو مقابلو ڪيو“. راهول گانڌي ٽوئيٽ ۾ هڪ چارٽ به شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل جي ڊي پي جا انگ اکر ڏيکاريا ويا آهن. آءِ ايم ايف جيڪا عالمي اقتصادي آئوٽ لڪ (ڊبليو اي او) جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جو ٽيون غريب ملڪ بڻجڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي.

Read Previous

انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري لاءِ تيارين جي تصديق ڪري ڇڏي

Read Next

سيوهڻ شريف : سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي سڏ تي احتجاجي ريلي

Most Popular