نوازشريف جي طلبي لاءِ برطانوي اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ جي درخواست رد

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي طلبي لاءِ ٻن برطانوي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. نوازشريف جي طلبي لاءِ برطانوي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ بابت وفاقي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ڪئي.  درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي هئي ته نوازشريف لنڊن ۾ آهي ان ڪري ان جي طلبي جي لاءِ لنڊن جي ڊيلي ٽيلي گراف ۽ ڊيلي گارڊين ۾ اشتهار جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر چيو  هو ته  عدالت پاران نوازشريف جو اشتهار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. طارق کوکر جو چوڻ هو ته عدالت اشتهار جي ڪاپي نوازشريف تائين به پهچائڻ جو حڪم ڏنو هو. رجسٽرار هاءِ ڪورٽ  19 آڪٽوبر جي لاءِ اشتهار جاري ڪرڻ جو چيو هو. ايڊيشنل اٽارني جنرل نوازشريف جي جاري ڪيل اشتهار جي ڪاپي عدالت جي سامهون پيش ڪري ڇڏي. جسٽس محسن اختر ڪياني نوازشريف جي طلبي لاءِ وفاقي حڪومت کي لنڊن جي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي چيو آهي ته عدالتي حڪم تي ته عمل ٿي ويو آهي.

Read Previous

عدالت ڪيپٽن(ر) صفدر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري پي ڊي ايم ۾ وڇوٽي پيدا ڪرڻ جي سازش آهي: سعيد غني

Most Popular