سنڌ جي زمين اسان جي ماء آھي پنھنجي ماء تي ڪنھن به غير جا پير برداشت نٿا ڪري سگھون : جسقم جي مرڪزي چيئرمين صنعان قريشي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) جسقم جي مرڪزي چيئرمين صنعان قريشي چيو آھي ته سنڌ جي زمين اسان جي ماء آھي پنھنجي ماء تي ڪنھن به غير جا پير برداشت نٿا ڪري سگھون ـ سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آھي ـ ان جا سامونڊي ٻيٽ وڻ تڻ بلڪي ساري زمين جي اسان مالڪي رکون ٿا ـ ھن جا حقيقي وارث سجاڳ آھن ـ ھو قومي شاھراھ تي ٻٻرلوء باس پاس وٽ لڳايل ڌرڻي ۽ ميڊيا سان ڳالھائي رھيو ھو ـ ھن چيو ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي صدارتي آرڊينس واپس ورتو وڃي ۽  ان لاء سنڌ سرڪار حقيقي سچائي جو مظاھرو ڪندي واضح موقف ۽ اسٽينڊ وٺي ـ ھن چيو ته  اھي سڀ سنڌ جا ماڻھو غدار آھن ـ جن سامونڊي ٻيٽن تي اين او سي جاري ڪئي ھئي ـ ڌارين سان گڏ پنھنجا پڻ شريڪ آھن ڌاڙي ۾ ھن چيو ته  پنجاب جي ظلمن ۽ سنڌين سميت ٻين مظلوم قومن خلاف سازشون ڪرڻ تي خبردار ڪيون ٿا ته  انھن جي رستا روڪ جو حق رکون ٿا ـ سنڌ پاڪستان کي پالي پئي ـ اسان جي وطن جا وسيلا ٻين تي خرچ ڪرڻ بجاء پھريون حق اسان جو آھي ـ ھن چيو ته  سنڌ جي ماضيء جي تاريخ شاھد آھي ته  ڌارين ان مٿان حملا ڪيا قبضا ڪيا پر برباد ٿي ۽ غارت ٿي ويا ـ ان موقعي تي جسقم جي سينئير اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سامونڊي ٻيٽن مٿان  قبضي  بعد سموري سنڌ گڏ جي جئين اٿلي پئي آھي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻھو قومي ايشوز تي سموريون ڌريون گڏ آھن ـ جسقم ماضي جيان ان مامري تي پڻ ڀرپور جدوجھد جو اعلان ڪري چڪي آھي ـ ھن چيو ته سنڌي قوم جا سمورا وسيلا جيڪڏھن سنڌ تي ئي رڳو خرچ ٿين ته  سنڌ سون ٿي پوندي ڇاڪاڻ ته  سنڌ قدرتي طور تي معدني وسيلن تيل گيس ڪوئلي ۽ ٻين وسيلن جو وڏو ذخيري سان ڀريل آھي پر افسوس آھي ته  سنڌ دشمنن جي سازشن جي ڪري 70 سيڪڙو روينيو سنڌ جو  ھن ملڪ جو مرڪز ڦري ٿو  ـ ھن چيو ته  پنجاب جي رستو روڪ بابت اسانـجو موقف واضح آھي ـ سنڌ جو نمبر ون دشمن پنجاب آھي ـ جنھن خلاف سائين جي ايم سيد جيل ڪاٽي مختلف سختيون برداشت ڪيون پر سامراج خلاف نه  جھڪيو ـ ھو اھو بھادر اڳواڻ ھو جنھن ھر حڪومتي دور ۾ قيد ڪاٽيو ۽ سختيون برداشت ڪيون ـ ھن چيو ته اڄوڪي احتجاجي ڌرڻي جي ڪاميابي بعد ثابت ٿي ويو آھي ته جن انھن ٻيٽن لاء ڳجھ ڳوھ ۾ اين اوسي جاري ڪئي تنھن کي تاريخ بي نقاب ڪري چڪي آھي ـ  ان موقعي تي موجود ڪارڪنن ۽ مظاھرين ٻيٽن خلاف سنڌين جي حق ۾ اڀ ڏاريندڙ نعري بازي ڪئي  ـ شريڪ ٿيندڙ مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا ھئا ـ جسقم ڪارڪنن  جي ھٿن  ۾ وڏا پينا فليڪس کينل ھئا ـ ھن ڌرڻي ۾ مختلف قومي سياسي پارٽين  جسقپ ۔ اي جي پي اي ڊبليو پي ۔ جئي سنڌ محاذ ۔ ترقي پسند پارٽي مختلف سماجي سياسي  ٻين پارٽين جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ ٻنهي  طرفن ويهي رهيا جنهن ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ  بند ٿي وئي ۽  گاڏين جون قطارون  لڳي ويون ڪوئٽا کان ڪراچي ۔  پنجاب کان سنڌ ڏانھن اچ وڃ بند رھي ـ  ڌرڻي کي جسقم جي وائيس چئيرمين امجد خان مهيسر۔ اطهر سومرو ۔  ديدار شام ۔ سرور خشڪ ۔ ناياب سرڪش ۔  فقير امداد منگي ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ قيادت ڪئي ـ جڏھن ته  ڌرڻي ۾ جسقپ جي اڳواڻ دودو ديشي روادري تحريڪ جي پنھل ساريو جسقم جي غلام مصطفي ڦلپوٽي ۽ ٻين اڳواڻن ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ

Read Previous

قاضي احمد : بجلي جي تارن مان پلال کي باھ لکين روپين جو بوھ , پلال ۽ ھڪ موٽر سائيڪل سڙي رک ٿي ويو

Read Next

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙ،اَٽو کائي ڪوئو، مار پوي گابي تي

Most Popular