سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪالي داس ڊيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

مٺي:   سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٿر جي شهر ننگرپارڪر ۾ ڪالي داس ڊيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان وڌيڪ 23 ڊيم ٺاهي رهيا آهيون.  هاڻ ٿر ترقي ڪندو ۽ هتان جي ترقي ۾ مقامي ماڻهن جو اهم ڪردار هوندو. هن چيو ته 2002 ۾ ٿر  مان اسان جو ڪوبه ميمبر نه هو. پوءِ هتان کان سيٽون کڻندا رهياسين اڄ سمورو ٿر پيپلز پارٽي جو آهي. اسان سڀني کان وڌيڪ ٿر مان ووٽ کنيا ۽ سيٽون حاصل ڪيون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار جو حدف پورو ڪري ورتو. وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب اڄ اٽو مهانگو آهي، سڀاڻي اسان جي ڪابينه جو اجلاس آهي. اجلاس ۾ ڪڻڪ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت ۾ هارين جو خاص خيال رکيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت 2 هزار روپيه هجڻ گهرجي. سنڌ جي هارين  حدف کان به وڌيڪ ڪڻڪ پوکي پر ٻين ٽنهي صوبن مذڪوره حدف مڪمل ناهي ڪيو. واضح رهي ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ٿر جي شهر ننگرپارڪالي داس ڊيم لاءِ روانو ٿيو ته ٿر ڪول جي ويجهو  کهاريو غلام جي هنڌ تي مظاهرين ان جو رستو روڪي ڇڏيو. مظاهرين 20 منٽن تائين سنڌ جي وڏي وزير جو رستو بند ڪري رکيو. ان موقعي تي مراد علي شاهه گاڏي مان ٻاهر آيو ۽ مظاهرين جا مطالبا ٻڌا. وڏي وزير جي يقين ڏيارڻ کان پوءِ مظاهرين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير ننگرپار ڊيم جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ خطاب شروع ڪيو ته ان دوران پنڊال مان اٽو سستو ڪريو ۽ نوڪريون ڏيو جا نعرا شروع ٿي ويا. وڏو وزير مظاهرين سان مليو ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي.  وڏي وزير چيو ته ڊيم  33 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو آهي هي ڊيم ننگرپارڪر ۽ ويجهن ڳوٺن جي پوري سال جون ضروررتون پوريون ڪندو.

Read Previous

ڊپٽي اسپيڪر ۽ آغا رفيع الله کي ايوان مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم

Read Next

پاڪستان ۽ ترڪي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪن: فرانس

Most Popular