قائداعظم جي مزار تي نعريبازي وارو ڪيس:ڪيپٽن(ر) صفدر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم

ڪراچي:  عدالت قائداعظم جي مزار تي نعريبازي واري ڪيس ۾ ڪيپٽن(ر) صفدر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  ڪراچي جي جوڊيشل ميجسٽريٽ شرقي جي عدالت ۾ قائداعظم جي مزار تي نعرا ۽ مبينه بي حرمتي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر جي وڪيلن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي. ڪيس جي جاچ آفيسر چالان جمع ڪرائڻ جي مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کي چالان جمع ڪرائڻ جي لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي. ان کان علاوه عدالت ڪيپٽن(ر) صفدر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم به ڏنو. واضح رهي ته مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر کي قائداعظم جي مزار ايڪٽ تحت ڀڃڪڙي تي 19 آڪٽوبر تي ڪراچي جي خانگي هوٽل مان صبح جو سوير گرفتار ڪيو هو. پر شام ۾ پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت کيس ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو هو. ڪيپٽن(ر) صفدر مريم نواز  پاران قائداعظم جي مزار تي حاضري جي موقعي تي ووٽ کي عزت ڏيو جا لڳايا هئا.

Read Previous

حمزه شهباز بڪتربند گاڏي ۾ عدالت اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جج پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار

Read Next

وزيراعظم گلگت بلتستان کي عبوري صوبائي حيثيت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular