حضور صہ جا گستاخ شايع خلاف جی یو آء پاران وڏو احتجاجي مظاهرو،شھر ۾ مارچ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) حضور صہ جا گستاخ شايع خلاف جی یو آء پاران وڏو احتجاجي مظاهرو،شھر ۾ مارچ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو خبر موجب موجب جمعيت علماء اسلام پاران حضور صہ جا گستاخ شايع ڪرڻ خلاف ھڪ وڏو احتجاجي مظاهرو جي يو آء جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري،ضلعي جنرل سيڪريٽري سيد عبدالباسط شاہ، مولانا عبدالجبار رند،مولانا فدا احمد ڊول،مولانا سليم الله بروهي، حافظ مير محمد بنگلاڻي، مولانا نصرالله گھنيو،مفتي عبدالشڪور کوسو، مولانا تاج محمد  ڀٽي، مولانا تاج محمد چنا، مولانا غلام شبير شيخ،قاري عنايت الله مھر ،اسدالله حيدري، حمادالله انصاري ،چاڪر خان جکراڻي، تاج محمود امروٽي, ظفرالله فاروقي, جان محمد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دفتر جي يو آء جيڪب آباد کان ڪڍيو ويو. مظاهرين کي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا جن تي پياري پيغمبر صله جي گستاخي شيم شيم. پياري پيغمبر صله جا خاڪا نامنظور جھڙا نعرا لکيل ھئا. وڏي انگ ۾ مظاهري ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽شھرين مختلف رستن تي مارچ ڪري فرانس ۽ گستاخي ڪندڙن خلاف نعري بازي ڪئي بعد ۾ شھر جي اھم ڊي سي چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ۽ روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي مقررين چيو ته اظهار جي آزادي جي نالي تي حضور صہ جا گستاخ خاڪا شايع ڪري ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي. پر ھولوڪاسٽ جي حوالي سان اظهار جي آزادي ڪيڏانهن وڃي ٿي. ھنن چيو ته مغربي ملڪن اسلاموفوبيا ۾ ورتل آهي فرانس ۽ ٻين ملڪن ۾ پياري پيغمبر جا گستاخ خاڪا ٺاهي 57 مسلمانن ۽ دنيا جي  انسان دوستن جي جذبات کي مجروح ڪيو آهي، ھنن چيو ته توھين رسالت ناقابل برداشت جرم آهي پياري پيغمبر صله لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ مطالبو ڪيو ته پاڪستان فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏئي ان جي مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري.

Read Previous

ڪجه مجبوري تحت وياج تي پيسا ورتا هئا جيڪي ٽائيم تي ڏيندو رهيس پر پوءِ به وياجيء ماڻهو پريشان ڪري رهيا آهن

Read Next

مون پنهنجي مرضي سان غلام شبير سان شادي ڪئي آهي پر هاڻي مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن : پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري

Most Popular