اسلام آباد: حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو اهم اجلاس جاري آهي. اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف وڊيو لنڪ جي ذريعي پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ آئنده جي حڪمت عملي تي صلاح مشورا ڪيا ويندا. مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب موجب پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ 22 نومبر کان پشاور ۾ ٿيندڙ جلسن تي به غور ڪيو ويندو. هن چيو ته اجلاس ۾ اپوزيشن جو هڪ بيانيو طئي ڪيو ويندو. ذريعن موجب مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارتين پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي بيانن ۾ تضاد سامهون اچڻ کان پوءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حرڪت ۾ اچي ويو آهي. مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم اجلاس ۾ گڏيل بيانيه طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي هن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جا سمورا اڳواڻ هڪ بيان تي متفق هجڻ گهرجن.