مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو اجلاس شروع

اسلام آباد:  حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو اهم اجلاس جاري آهي.  اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف وڊيو لنڪ جي ذريعي پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ آئنده جي حڪمت عملي تي  صلاح مشورا ڪيا ويندا. مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب موجب پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ 22 نومبر کان پشاور ۾ ٿيندڙ جلسن تي به غور ڪيو  ويندو. هن چيو ته اجلاس ۾ اپوزيشن جو هڪ بيانيو طئي ڪيو ويندو. ذريعن موجب مخالف ڌر جي  ٻن وڏين پارتين پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي بيانن ۾ تضاد سامهون اچڻ کان پوءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حرڪت ۾ اچي ويو آهي. مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم اجلاس ۾ گڏيل بيانيه طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي هن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جا سمورا اڳواڻ هڪ بيان تي متفق هجڻ گهرجن.

Read Previous

گلگت جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته موجوده حڪومت کي هاڻ گهر وڃڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

وفاقي وزير علي حيدر زيدي ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular