ن ليگ پنهنجي ڪيل علطين سبب آڄ عوام آڏو بينقاب آهي: حنيد لاکاڻي

ڪراچي : سربراهه بيت المال سنڌ ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ حنيد لاکاڻي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ کي ايماندار ليڊر مليو آهي جيڪو ملڪ کي اڳتي وٺي ويندو. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. عوامي طاقت سان ايندڙ حڪومت به پي ٽي آئي جي هوندي. ميان صاحب 3 دفعا ملڪ جو وزيراعظم رهيو پر افسوس پاڪستان جي سلامتي ۽ وقار جو خيال نه رکيو. نواز شريف رياست خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي اها ملڪ دشمن ڪندو رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪندڙ بيان ۾ ڪيو. حنيد لاکاڻي چيو ته نواز شريف ملڪي ادارن خلاف نازيبا زبان استعمال ڪئي محب وطن ماڻهن ۾ غم ۽ غسو آهي. هو پنهنجي سياست کي چمڪائڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪندا رهندا آهن. هن چيو ته ن ليگ فوج خلاف بيان ڏيڻ تي پاڻ ئي مڃي چڪي آهي. حنيد لاکاڻي چيو ته هاڻ ن ليگ پنهنجي ڪيل غلطين سبب آڄ عوام آڏو بينقاب آهي. هن وقت اپوزيشن ۽ پاڪستان جو مفاد الڳ الڳ آهن. پاڪستاني عوام گجرانوالا، ڪوئيٽا ۽ مزارقائد تي ٿيل بيحرمتي جو حسابي چاهي ٿي. هن چيو ته ملڪ دشمن عناصرن کي فائدو پهچائڻ لاءِ اهڙن بيانن کان پاسو ڪيو وڃي. پاڪستان سان پيار ڪندڙ پاڻ ئي پي ڊي ايم کان رستا ڌار ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته نواز شريف اقتدار جي حوس ۾ هوش وڃائي ويٺو آهي. پاڪستانين جي جذبات کي نقصان پهچائي رهيو آهي. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو آهي ته نواز شريف پنهنجا بيان ڏئي ملڪ جي وقار کي سموري دنيا ۾ نقصان پهچايو آهي. هي ملڪ اسان جي شان آهي اسان جو مان آهي هن ملڪ خلاف جيڪو به علط سوچ رکندو ان کي غدار قرار ڏنو ويندو ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي.

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي…نوريئڙي جي مھماني، ٻه ٻير…..

Read Next

سوشل ميڊيا تي مريم نواز جي حليمه سلطان سان ڀيٽ

Most Popular