راڻيپور ۾ درازه لڳ قائم ڪيل ڪچي آبادي جي گهرن کي ڊاهڻ جو چتاءُ رهائشي گهر ڌڻين جو احتجاج ڊي سي ۽ اي سي خلاف ڇتي نعريبازي انصاف جو مطالبو رپورٽ موجب: راڻيپور لڳ درازه شريف ڀرسان ڳوٺ عبدالمجيد چانڊيو جي سوين گهر ڌڻين عبدالمجيد چانڊيو,لطيف چانڊيو,عاشق چانڊيو,منصور چانڊيو,گامڻ جوڻيجو,غلام غازي ڀٽي ,ملوڪ ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چانڊيا ,جوڻيجا, شيخ,ڀٽي ,پنجاپي, ماڙيچا, رند,سيد, ڪلهوڙا ,جوڳي, هانڀي,گ وپانگ, ڪليري,۽ ٻين برادري جي سوين ماڻهن قومي شاهراھ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو اڳواڻن انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين کي ٻڌايو ته اسين پنجاه ورهين کان قديمي رهائشي آهيون ۽ هئ آبادي جيڪا سوين گهرن تي مشتمل آهي اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي پنج نقاطي پروگرام تحت جوڙي وئي ۽ مالڪانه حقوق ڏنا ويا جتي بجلي,گيس,۽ ٻيون سهولتون پڻ موجود آهن مختيارڪار جي رپورٽ ۾ به ڄاڻايل آهي جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال جنڊاڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي جي هڪ سازش تحت گهر ڌڻين کي گهر ڊاهڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي جيڪو غير قانوني ۽ نامناسب طريقو آهي اسان غريب ٻچڙيوال ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اسانجي جوڙايل گهرن تي لکين روپيه خرچ ٿيل آهي انصاف لاء عدالتن جا در کڙڪائڻ سميت احتجاج جو دائرو پڻ وڌايو ويندو هنن آخر ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ,وزير اعلئ سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ٻچڙيوال ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائي انصاف فراهم ڪيو وڃي