صدر ٽرمپ پاران عهدو ڇڏڻ کان پهريان افغانستان ۽ عراق مان فوجين جي واپسي جو اعلان

Trump

واشنگٽن ڊي سي: آمريڪا جنوري وچ تائين افغانستان مان 2 هزار ۽ عراق مان 500 فوجين جي وطن واپسي جو اعلان. عالمي اداري موجب پينٽاگان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ترمپ پنهنجو عهدو ڇڏڻ کان پهريان افغانستان ۽ عراق ۾ موجود آمريڪي فوجين کي وطن واپس گهرائڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. پينٽاگان جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ افغانستان ۾ موجود 4 هزار 500 آمريڪي فوجين مان 2 هزارن کي ۽ عراق ۾ 3 هزار آمريڪي فوجين مان 500 کي واپس گهرائڻ جو حڪم ڏنو هو. 

Read Previous

”ففتي ففٽي“ ۾ ماڻهن جي چپن تي مرڪون سجائيندڙ سينئر اداڪار ماجد جهانگير شديد بيمار

Read Next

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي نئين ڪنوار نَوَ ڏينھن، اھڙي اھڙي به ڏهه ڏينھن، ڇڪي تاڻي تيرنھن ڏينھن.

Most Popular