پي ٽي آئي جو مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي حليم عادل شيخ وحشي بگھڙن ھٿان اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عائشه ٿھيمور سان ھمدردي لاء سندس ڳوٺ پھچي

ٺٽو(رپورٽ يارمحمدميربحر )پي ٽي آئي جو مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ ضلعي ٺٽي جي صدر رئيس ارسلان خان بروهي وحشي بگھڙن ھٿان اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عائشه ٿھيمور سان ھمدردي لاء سندس ڳوٺ پھچي ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ رئيس ارسلان خان بروھي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته افسوس جي ڳالھ آهي ته ھفتو گذرڻ باوجود سنڌ جي مظلوم نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاء ڪو به چونڊيل نمائيندو ناھي پھتو.  مظلوم پيء کان ڪيس داخل ڪرڻ لاء پوليس 14 ھزار رپيا ورتا آهن. جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي. ان موقعي تي حليم عادل شيخ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عائشه جي مالي مدد ڪرڻ سميت مڪمل علاج ڪرائي ڪرائي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي  ويئي. ان موقعي تي پي ٽي آئي ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جا اڳواڻ ايڊووڪيٽ ممتازعلي شاھ بخاري، ھوش محمد عباسي،  شعيب آزاد ميمڻ، آصف ڪڇي ميمڻ، عبدالرشيد ملاح، سوڍو ڌاندل، حمزو ٿھيم ۽ ٻيا ساڻن گڏ ھئا.

Read Previous

شيعه علماءِ ڪائونسل شهيد بينظير آباد ڊويزن جو صدر زوار محمد حسين چانڊيو جي ڀاءُ محمد قاسم چانڊيو جي وفات تي تعزيت

Read Next

نوان جتوئي م ملڪ جي ناليواري برک سياستدان سابق نگران وزير اعظم پاڪستان نيشنل پيپلز پارٽي جي باني مرحوم رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي يارھين ورسي جون تقريب سادگي سان ملهائي وئي

Most Popular