نوان جتوئي م ملڪ جي ناليواري برک سياستدان سابق نگران وزير اعظم پاڪستان نيشنل پيپلز پارٽي جي باني مرحوم رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي يارھين ورسي جون تقريب سادگي سان ملهائي وئي

مورو محمد انيس ڪلھوڙو نوان جتوئي م ملڪ جي ناليواري برک سياستدان سابق نگران وزير اعظم پاڪستان نيشنل پيپلز پارٽي جي باني مرحوم رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي يارھين ورسي جون تقريب سادگي سان ملهائي وئي ان موقعي تي غلام مصطفي خان جتوئي کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ مزار اڳيان قرآن خواني ڪرائي وئي جڏھن تہ تقريب ۾ نيشنل پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڪارڪنن وڏي انگ۾شرڪت ڪئي ان موقعي تي فقير اعجاز علي خاصخيلي، مرڪ محبوب علي، منٺار علي سجاڏ علي جي سنگ سان سابق وفاقي وزير غلام مرتضي خان جتوئي جي پٽ بلاول خان جتوئي ۽ شاھنواز خان جتوئي، ھاشم نول، اسد اللہ جتوئي، غلام رسول پيرزادو، سخي جتوئي، شاھبيگ بھراڻي، مظھر علي شاھ، جھانگير سولنگي ۽ ٻين سان گڏ مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري وئي. ان موقعي تي بلاول خان جتوئي۽ شاھنواز خان جتوئي چيو ته غلام مصطفيٰ خان جتوئي ھميشھ شرافت جي سياست کي پنھنجو محور سمجھيو، ھن جمھوريت جي بحالي لاءِ جاکوڙ ڪئي ء عوام جي حقن واري سياست ڪئي ھنن چيو تہ غلام مصطفيٰ خان جتوئي ملڪ جو نامور سياستدان ھو جنھن ھميشھ امن محبت ء شرافت واري سياست ڪئي ھن جي سياست جو محور عوام جي خدمت ھئي ھنن چيو تہ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سنڌ ۾ سرواڻي ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمھوريت جي بحالي لاءِ جدوجھد ڪندي ڊڪٽيٽر شپ ختم ڪرائي ھن ھميشھ عوام جي ڀلائي ۽ علائقي جي بھتري لاءِ ڪم ڪيو ۽ تعليمي ادارن جو ڄار وڇايو پوئتي پيل علائقن کي ترقي ڏياري سندس سياست ۽ علائقي جي لاءِ ڪيل خدمتون نہ وسرنديون ۽ عوام جي دلين ۾ ھميشھ ياد رھندو.

Read Previous

پي ٽي آئي جو مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي حليم عادل شيخ وحشي بگھڙن ھٿان اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عائشه ٿھيمور سان ھمدردي لاء سندس ڳوٺ پھچي

Read Next

گڊو ايس ايڇ او منظور احمد لغاري جي ڪاروائي افغانستان مان پشاور ويندڙ 21 افغاني باشنده گرفتار ڪري ورتا

Most Popular