وفاقي حڪومت کنڊ جي اگهن ۾ ويهه کان 23 روپين جي لاٿ ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  چيئرمين آل پاڪستان شوگرملز ايسوسيئيشن  اسڪندر خان چيو آهي ته اوپن  مارڪيٽ ۾ کنڊ جي في ڪلو اگهن ۾ 20  روپين کان 23 روپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اسڪندر خان موجب کنڊ جي ايڪس ملز ريٽ ۾ به نمايان گهٽتائي اچي وئي آهي جنهن کان پوءِ اڳوڻا ملز ريٽ 78 روپيه في ڪلو تائين پهچي ويا آهن. چيئرمين اسڪندر خان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته 78 روپيه في ڪلو کنڊ ۾ 14 روپيه ٽيڪس به شامل آهي. هن چيو ته ڪمند جي خريداري ۾ مڊل مين جو ڪردار ختم ڪرڻ جي حڪومتي قدمن سان بهتر اثر سامهون آيا آهن. جڏهن ته ڪمند جي قيمت 200 روپيه برقرار رهڻ سان به کنڊ جي اڳوڻي ملز ريٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. اسڪندر خان جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ هن وقت کنڊ 200 روپيه في ڪلو آهي. ان ڪري کنڊ جي قيمت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ افغانستان باڊرز تي سختي ڪرڻي پوندي. جڏهن ته حڪومت ڳڙ جي افغانستان برآمد روڪي ڇو ته ڳڙ جي آڙ ۾ افغانستان کنڊ اسمگل ٿيندي آهي.

Read Previous

مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج سڪرنڊ ۾ قائم ڪيل احساس پروگرام سينٽر جو جائزو ورتو

Read Next

موسميات کاتي ملڪ ۾ ٿڌ جو 52 سالن وارو رڪارڊ ٽٽڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

Most Popular