اسرائيل رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي غزه تي خوفناڪ بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
جنهن کان پوءِ شهيد فلسطينين جو انگ 200 ٿي ويو آهي. شهيدن ۾ 50 ٻار ۽ 34 عورتون شامل آهن. هزارين ماڻهو زخمي آهن جن مان 366 ٻار به آهن.
ٻارن جي بهبود جي عالمي تنظيم سيو دي چلڊرين موجب غزه ۾ هر ڪلاڪ ۾ 3 ٻار اسرائيلي بمباري ۾ زخمي ٿي رهيا آهن. غزه جي هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي فضائي حملا ٻئين هفتي ۾ داخل ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ سمورو شهر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. بمباري ۽ ميزائل حملن مان ڪير به محفوظ نه آهي. رهائشي عمارتون پٽ پئجي چڪيون آهن ۽ هزارين ماڻهو پناهگير ڪيمپن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جتي به هو سلامت ناهن ڇو ته صهيوني رياست طرفان ان ڪيمپن کي به نشانو بنايو ويو آهي.