ڳوٺ غوث محمد شاہ جي رھواسين جو بااثر ڀيڻ جي ساهورن خلاف احتجاج. خدشو آهي ڀينرن کي قتل ڪيو ويندو

نواب ولي محمد :ڳوٺ غوث محمد شاہ جي رھواسين جو بااثر ڀيڻ جي ساهورن خلاف احتجاج. خدشو آهي ڀينرن کي قتل ڪيو ويندو. مظاهرين تفصيل موجب ڳوٺ غوث علي شاهه جي رھواسين ارباب ڪلهوڙو،ڪارو عرف منظور ڪلھوڙو، ۽ ٻين نواب ولي محمد سنڌي پريس فورم آفس آڏو احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ انب جوڻيجو ۾ اسان جي پنهنجي مائٽن سان مٽي مائٽي ٿيل آهي جيڪي اسان جي ٻن ڀينرن،شنيلا زال سرور ڪلھوڙو، شبانا زال عبدالحمید ڪلھوڙو کي روز سخت تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ گذريل چئن سالن کان اسان کي ملڻ ب نه ٿا ڏين خدشو آهي ته بااثر علي شير ڪلهوڙو، اصغر ڪلهوڙو ڀينرن کي قتل ڪري چڏيندا احتجاج ڪندڙن اعلي اختيارن کان انصاف جي گهر ڪندي چيو ته اسان کي ڀينرن تي ظلم ڪندڙ جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري ڀينرن سان ملايو وڃي.

Read Previous

شاهه رخ خان سان پهرين ملاقات تي آريان خان روئي ڏنو

Read Next

مهانگائي سٽيل عوام لاءِ بري خبر، بجلي وري مهانگي

Most Popular