سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ بيروزگاري خلاف عوامي ورڪرز پارٽي سانگھڙ جي طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ شھرين شرڪت ڪئي. سانگهڙ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھري کي عوامي ورڪرز پارٽي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مير حسن سريوال، ضلعي صدر بخش مڱريو. قيوم لانڊر، خليل بلوچ، مير حسن مري، عظيم رونجھي، سماجي اڳواڻن منصور ميمڻ، مجيد مڱريو، حسن لانڊر ۽ امام بخّش بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪيو. مظاھرين چيو تہ ملڪ ۾ ھي ھٿ ٺوڪي مھانگائي جنھن عام ماڻھو جو زندھ رھڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آھي اھا آئي ايم ايف ۽ آمريڪي سماج جي غلامي جو نتيجو آھي. سرمائيدارانہ نظام حڪومت ۾ عوامي مفاد بجاءِ ھڪ مخصوص ٽولي جي مفادن خاطر فيصلا ڪيا وڃن ٿا. ھڪ طرف بيروزگاري آھي ٻئي طرف ايتري مھانگائي آھي جو ماڻھو عام روزمرھ جون شيون خريد ڪري نہ ٿو سگھي. دوائن جا اگھ بہ عام ماڻھو جي پھچ کان پري ٿي ويا آھن. ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي. عوامي ورڪرز پارٽي ان ظالمانہ طرز حڪومت کي رد ڪري ٿي ۽ سموري ملڪ ۾ عوامي احتجاج ڪري مھانگائي ۽ بيروزگاري وڌائڻ وارن فيصلن خلاف مزاحمت ڪئي ويندي.