پَنا ميڙيندڙ عورتن تي چوري جي الزام ۾ تشدد، ڪپڙا لاهي ويڊيوز به ٺاهيون ويون

ملت ٽائون ۾ چوري جو الزام هڻي پَنا ميڙيندڙ عورتن تي تشدد ڪيو ويو ۽ سندن ڪپڙا لاهي ويڊيوز به ٺاهيون ويون.

پوليس ترجمان موجب متاثر عورتن طرفان پوليس کي ڏنل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اهي 4 ڄڻيون ملت ٽائون جي علائقي ۾ پَنا ميڙي رهيون هيون ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ هڪ اسٽور ۾ داخل ٿيون.

پوليس موجب عورتن ٻڌايو ته اليڪٽرڪ اسٽور جي مالڪ صدام ۽ ٽن ملازمن کين چوري تي الزام ۾ گهيري ورتو ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا، ان دوران وڌيڪ ماڻهو به اچي ويا ۽ تشدد ڪندي کين دڪان کان ٻاهر بازار ۾ وٺي ويا، جتي ڪپڙا لاهي ويڊيوز به ٺاهيندا رهيا.

پوليس موجب مقامي ماڻهن جي اطلاع تي ڪارروائي ڪري اسٽور مالڪ سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سي پي او فيصل آباد جي حڪم تي چئن نامزد ۽ 8 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

”راڻا شميم جو اصل حلفي بيان سومر تائين نه آيو ته فرد جرم لاڳو ڪنداسين“

Read Next

ڪي ايم سي عملي طرفان گهر ڊاهڻ جي آڙ ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

Most Popular