سنڌ 4 سالن ۾ گيس درآمد ڪندڙ صوبو هوندو: توانائي وارو وزير

توانائي بابت وفاقي وزير حماد اظهر دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ 4 سالن ۾ گيس ايڪسپورٽ کان گيس امپورٽ ڪندڙ صوبو بڻجي ويندو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي حماد اظهر چيو ته پارليامان ۾ انهن کي جواب ڏيڻ چاهيان ٿو جيڪي روز ٽي وي تي ويهي چيلينج ڪندا رهندا آهن، جڏهن معيشت تي دليل ختم ٿي وڃن ته اهي ستين جماعت جي پاڪستان مطالعي تي ليڪچر شروع ڪري ڇڏيندا آهن.

حماد اظهر چيو ته انهن ۾ جواب ٻڌڻ جو حوصلو نه آهي، 5.4 سيڪڙو گروٿ ريٽ تي ساڍا 7 ارب ڊالرن جو قرض ورتو ويو، اسان جي 5.4 سيڪڙو گروٿ ۾ ناڻي جي مٽاسٽا وارا ذخيرا وڌيا آهن، ن ليگ 5.4 سيڪڙو گروٿ ريٽ لاءِ ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو.

گيس جي کوٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته انڊسٽري طرفان گيس ڪاٽڻ تي حڪم امتناع ورتو ويو، 100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس انڊسٽري کان ڪراچي کي سياري جي موسم ۾ ڏني ويندي هئي.

وفاقي وزير چيو ته حڪم امتناع ختم ٿي وڃي ته ڪراچي ۾ گيس سپلاءِ بهتر ٿي ويندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ کان درخواست آهي ته گيس جي حوالي سان حڪم امتناع ختم ڪري.

حماد اظهر چيو ته مقامي گيس جا ذخيرا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن، سن کان وڌيڪ تيزي سان سنڌ ۾ گيس گھٽجي رهي آهي.

Read Previous

خدا انهن جو به رزق بند ناهي ڪندو جيڪي غافل آهن: عابده پروين

Read Next

اين ٽي ڊي سي جي برطرف ملازمن جو پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو

Most Popular