صدر علوي چيف جسٽس جي اختيارن بابت بل بنا منظوري ٻيهر واپس موڪلي ڇڏيو

عارف علوي

اسلام آباد: صدر مملڪت عارف حسين علوي چيف جسٽس جي اختيارن بابت بل هڪ ڀيرو وري منظوري بنا واپس موڪلي ڇڏيو.

صدر عارف علوي چيو آهي ته قانونسازي جي اهليت ۽ بل جي درستگي جو معاملو ملڪ جي اعليٰ عدالتي فورم سامهون ٻڌڻيءَ هيٺ آهي.

بل جي جواب ۾ صدر وڌيڪ چيو ته هي معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هجڻ ڪري احترام ۾ بل تي وڌيڪ ڪا ڪارروائي مناسب نه آهي.

بل جي منظوري وفاقي ڪابينا 28 مارچ تي ڏني هئي ۽ پوءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ڪرايو ويو هو.

Read Previous

چيف جسٽس ڪجهه وقت ڏئي، اسين به هڪ ڏينهن چونڊون چاهيون ٿا: آصف زرداري

Read Next

آئين ۾ سوموٽو جو لفظ ئي ناهي، 3/184 سپريم ڪورٽ جو اختيار آهي: قاضي فائز عيسيٰ

Most Popular