پاڪستان جو وڏو دشمن ثناءُ الله غفاري افغانستان ۾ مارجي ويو

افغانستان ۾ پاڪستان جو وڏو دشمن مارجي ويو آهي، دهشتگرد ثناءُ الله غفاري عرف شهاب المهاجر افغان شهر ڪنڙ ۾ مارجي ويو آهي.

مارجي ويل دهشتگرد ثناءُ الله غفاري نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي گهربل هو، دهشتگرد ۽ سندس ڪٽنب ڀارت مان لڏي افغانستان آيو هو.

دهشتگرد ثناءُ الله غفاري جو تعلق ڪابل افغانستان سان هو، جنهن ديني تعليم غفاري مدرسي ڪابل مان حاصل ڪئي.

دهشتگرد ثناءُ الله غفاري ايران، ازبڪستان، تاجڪستان، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث هو.

دهشتگرد ثناءُ الله غفاري اپريل 2020 کان اسلامي رياست خراسان صوبي جو اڳواڻ هو.

مارجي ويل دهشتگرد ثناءُ الله غفاري سمورن آپريشنز جو ماسٽر مائينڊ ۽ هيڊ آف آپريشنز هو.

Read Previous

شاهد ڪپور هالي ووڊ بدران ڏکڻ انڊين فلمون سائن ڪندو

Read Next

جهانگير ترين ۽ پرويز خٽڪ وچ ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون

Most Popular