13 سالن جي چيني ڇوڪري وڊيو گيمز تي والدين جمع پونجي اڏائي ڇڏي

چين جي هڪ 13 سالن جي ڇوڪري وڊيو گيمز تي 63 هزار ڊالر اڏائي ڇڏيا.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب چين جي صوبي هينان ۾ هڪ 13 ورهين جي نينگريءَ جي والدين کي ان وقت سخت صدمو رسيو جڏهن کين خبر پئي ته سندن زندگي جي بچت جا 18 ملين چيني يوان (63 هزار آمريڪي ڊالر) بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا، اهو پئسا ڪنهن به چوري نه ڪيو پر سندن ڌيءَ وڊيو گيمز تي اڏايو.

جڏهن 13 سالن جي ڇوڪري جي والدين کي معلوم ٿيو ته انهن جي اڪائونٽ ۾ صرف 20 يوآن هئا.

ميڊيا رپورٽن موجب وڊيو گيمز جو جنون رکندڙ 13 سالن جي نينگري نه رڳو پنهنجي والدين جي ڪريڊٽ ڪارڊ سان وڊيو گيمز خريد ڪئي پر گيم سان لاڳاپيل ٻيون شيون به خريد ڪيون.

ڇوڪري اها وڏي رقم صرف ويڊيو گيمز تي مهيني دوران خرچ ڪئي ۽ پئسا استعمال ڪرڻ جا ثبوت ختم ڪرڻ لاءِ هٿ سان بينڪ مان فون جي هسٽري ۽ ٽيڪسٽ ميسيجز کي ڊيليٽ ڪندي رهي.

ميڊيا رپورٽن موجب اسڪول جي استاد پاران ڌيءُ جي اهڙي عمل بابت اڻڄاڻ والدين کي ٻڌايو ويو.

Read Previous

بلوچستان عوامي پارٽي پاران بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو

Read Next

حاجين پانڌيئڙن جي رهنمائي لاءِ 50 کان وڌيڪ حرم گائيڊ مقرر

Most Popular