حاجين پانڌيئڙن جي رهنمائي لاءِ 50 کان وڌيڪ حرم گائيڊ مقرر

پاڪستان حج مشن مسجد الحرام ۾ جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ خاص انتظام ڪندي حاجين جي رهنمائي لاءِ 50 کان وڌيڪ حرم گائيڊز مقرر ڪيا آهن.

مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حرم جي 7 دروازن ۽ ڪلاڪ ٽاور جي سامهون حرم گائيڊز پاڪستاني جهنڊي سان گڏ جيڪٽ ۽ ٽوپي پائي هر وقت موجود هوندا.

ترجمان جو چوڻ آهي ته رش سبب مسجد الحرام جو گرائونڊ فلور صبح 10 وڳي کان اڳ مڪمل ڀرجي ويو، جنهن سبب سعودي اختياريون وڌيڪ حاجين کي مٿين منزلن ۽ حرم جي نئين توسيع ڏانهن موڪلي رهيون آهن.

مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مسجد الحرام ۾ هڪ ئي وقت 25 لک نمازين جي گنجائش آهي.

هن چيو ته اڄ مڪي ۾ 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري حج پانڌيئڙا موجود آهن، 3 هزار حاجي مديني منوره ۾ ترسڻ کانپوءِ شام تائين مڪي پهچي ويندا، جڏهن ته شام تائين 26 سئو کان وڌيڪ حاجي جده کان مڪي پهچندا.

Read Previous

13 سالن جي چيني ڇوڪري وڊيو گيمز تي والدين جمع پونجي اڏائي ڇڏي

Read Next

آمريڪي پرڏيهي وزير جو پاڪستاني حڪمرانن سان لاڳاپن ۾ توازن برقرار رکڻ تي زور

Most Popular