والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير محبوبه مفتي چيو آهي ته بي جي پي گانڌي جي ڀارت کي گانڌي جي قاتل گوڊسي جي ڀارت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
سرينگر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بي جي پي والاريل ڪشمير کي پنهنجي هندوتوا ايجنڊا جي ليبارٽري بڻائي ڇڏيو آهي.
محبوبه مفتي وڌيڪ چيو ته بي جي پي پهرين ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪوشش ڪندي آهي ته ڀارت ۾ هندوتوا جي نظريي کي هٿي ڏئي.
ياد رهي ته ناٿورام گوڊسي 30 جنوري 1948ع تي مهاتما گانڌي کي قتل ڪيو هو.