ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم الرحمان نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ريجنل اليڪشن ڪميشن ۾ ميئر ڪراچي لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته سڀاڻي سڄي پاڪستان ۾ احتجاج ڪرڻ وارا آهيون، سڀاڻي ڪراچي ۾ شاهراهه قائدين تي احتجاج ڪيو ويندو.

هن چيو ته هو دنيا کي پيپلز پارٽي جو چهرو ڏيکارڻ وارا آهن، ميئر جي چونڊ کان اڳ قانون ۾ ترميم ڪئي وئي، اسان ترميم خلاف ڪيس داخل ڪيو، اسان کي يقين آهي ته عدالت ان ترميم کي رد ڪندي.

حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته هي اليڪشن ناهي، ڌانڌلي جو عمل هلي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن وٽ پنهنجي ساک بحال ڪرڻ جو موقعو آهي، هن وقت ڪراچي تي پيپلز پارٽي جو مڪمل ڪنٽرول آهي.

امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته ماڻهو غائب ٿي رهيا آهن، اها ادارن جي ذميواري آهي، ڪا به اهڙي جاءِ ناهي جتي کين انصاف ملي سگهي، اسان پنهنجي چونڊيل ماڻهن سان رابطا وڌائي رهيا آهيون، هن وقت پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن کي يرغمال بڻائي رهي آهي.

سندس چوڻ آهي ته 1977ع ۾ به پيپلز پارٽي اقليت کي اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 1971ع ۾ ملڪ ٽوڙيو پر مينڊيٽ کي تسليم نه ڪيو، وفاق کان وسيلا ته حاصل ڪيا پر اهي مقامي نمائندن کي نه ڏنا ويا. ٻه اڍائي سال گذري ويا، چونڊون نه ٿيون، پوءِ به اسان مقابلو ڪندا رهياسين.

Read Previous

بلوچستان جي بجيٽ 16 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان

Read Next

سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بسن جي خريداري بابت اجلاس

Most Popular