سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بسن جي خريداري بابت اجلاس

سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ بسن جي خريداري بابت اجلاس ٿيو.

ٽرانسپورٽ کاتي جي ترجمان موجب اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

ٽرانسپورٽ کاتي جي ترجمان موجب چارلس ڪائو چيني ڪمپني طرفان بريفنگ ڏني ۽ شرجيل ميمڻ اليڪٽرڪ بسن ۽ چارجرز جي فراهمي بابت ڄاڻ ورتي.

ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن چيني ڪمپني سنڌ ۾ پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿي ته هو هر قسم جي مدد ڪندا، سنڌ حڪومت ڪمپني کان اليڪٽرڪ بسون به خريد ڪندي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪندي ۽ مختلف معاملن ۾ سبسڊي پڻ ڏني ويندي.

صوبائي وزير چيو ته اليڪٽرڪ بسن جي خريداري لاءِ روزاني جي بنياد تي ڪم ڪيو پيو وڃي، عوام ان سهولت مان جلد فائدو حاصل ڪري سگهندو، هو سڄي سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بس ۽ اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ چاهين ٿا.

Read Previous

ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم الرحمان نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

Read Next

منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ناهي، پرويز خٽڪ

Most Popular