منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ناهي، پرويز خٽڪ

اڳوڻي بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ناهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پرويز خٽڪ چيو ته منهنجي باري ۾ هلندڙ خبرون بي بنياد ۽ سراسر غلط آهن.

هن چيو ته جهانگير ترين سان منهنجي ڪا به ملاقات ناهي ٿي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پرويز خٽڪ چيو هو ته مان پنهنجي جاءِ تي آهيان ۽ صوبي ۾ پنهنجي ساٿين سان رابطي ۾ آهيان.

هن چيو ته جهانگير ترين جي پارٽي نه ته جنرل سيڪريٽري جي عهدي جي آڇ ڪئي آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا آڇ قبول ڪئي آهي

Read Previous

سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بسن جي خريداري بابت اجلاس

Read Next

حج جي تيارين جي سلسلي ۾ ڪعبي جو غلاف چاڙهيو ويو

Most Popular