ڊونلڊ ٽرمپ تي جاسوسي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جا37 الزام

Trump

اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جاسوسي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي 37 ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، 49 صفحن تي ٻڌل فرد جرم جا ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

فرد جرم جي ڇرڪائيندڙ تفصيلن موجب ڊونلڊ ٽرمپ وٽ انتهائي حساس دستاويز موجود هئا، مبينا طور تي غيرقانوني طور تي هٿ ڪيل دستاويزن ۾ ايٽمي پروگرام، حملن جي رٿابندي بابت معلومات پڻ شامل آهي.

آمريڪا تي فوجي حملي جي صورت ۾ ان جي ڪمزورين جا اهم تفصيل به فائلن ۾ موجود هئا.

پراسيڪيوٽر جيڪ سمٿ چيو ته قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، ٽرمپ دستاويز ڪيس جو جلد ٽرائل ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن سمورا الزام ثابت ٿيا ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 100 سال قيد جي سزا ڏني ويندي.

Read Previous

حج جي تيارين جي سلسلي ۾ ڪعبي جو غلاف چاڙهيو ويو

Read Next

برطانيا جو اڳوڻو وزيراعظم بورس جانسن پارليامينٽ جي ميمبرشپ تان مستعفي

Most Popular