برطانيا جو اڳوڻو وزيراعظم بورس جانسن پارليامينٽ جي ميمبرشپ تان مستعفي

برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم بورس جانسن پارليامينٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

ڪورونا وبا دوران سرڪاري رهائشگاهه تي پارٽي تڪرار جو نتيجو نڪري آيو، مارچ ۾ پارليامينٽ کي ڏنل ثبوتن ۾ بورس جانسن ايوان کي گمراهه ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.

برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بورس جانسن استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو پارٽي گيٽ رپورٽ ملڻ بعد ڪيو، جيڪا استحقاق ڪميٽي تيار ڪئي هئي.

استعيفيٰ تي رد عمل ڏيندي بورس جانسن چيو ته ڪميٽي ثابت نه ڪري سگهي ته مان ڄاڻي واڻي پارليامينٽ کي گمراهه ڪيو.

اڳوڻي برطانوي وزيراعظم بورس جانسن به ڪميٽي کي ڪنگرو ڪورٽ سان ڀيٽيو ۽ الزام هنيو ته کيس سياست کان ڌار ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.

Read Previous

ڊونلڊ ٽرمپ تي جاسوسي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جا37 الزام

Read Next

روس 7 جولاءِ کان پوءِ بيلاروس ۾ مختصر رينج ايٽمي هٿيارن کي نصب ڪندو، صدر پيوٽن

Most Popular