لاهور ۾ اسپن بالرز جي اسپيشلائيزڊ ڪيمپ شروع ٿي وئي

اسپن بالرز جي اسپيشل ڪيمپ لاهور ۾ شروع ٿي وئي آهي، رانديگرن ايل سي سي اي ۾ ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڪيمپ ۾ بيٽسمينز کي به گهرايو ويو آهي، جتي مختلف سيشنز ۾ ٽريننگ ٿيندي.

فخر زمان ۽ عابد علي کي به ڪيمپ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسپن بالرز جي ڪوچنگ لاءِ اين سي اي ڪوچ موجود آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گرانٽ بريڊ برن چيو آهي ته سخت گرمي باوجود ڪيمپ ۾ رانديگر حصو وٺي رهيا آهن، ڪيمپ سان رانديگرن کي پنهنجي صلاحيتن ۾ بهتري آڻڻ ۾ مدد ملندي.

Read Previous

روس 7 جولاءِ کان پوءِ بيلاروس ۾ مختصر رينج ايٽمي هٿيارن کي نصب ڪندو، صدر پيوٽن

Read Next

شعيب اختر ٻي شادي بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular