شعيب اختر ٻي شادي بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻو رانديگر ۽ فاسٽ بالر شعيب اختر تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي نجي زندگي جو ذڪر ڪندي پنهنجي زال، ٻارن ۽ ٻي شادي بابت کليل دل سان ڳالهايو.

تازو ئي شعيب اختر هڪ پوڊ ڪاسٽ تي مهمان طور نظر آيو، جتي هن پنهنجي ڪيريئر کان علاوه پنهنجي شادي جي باري ۾ به ڳالهايو، هن ٻڌايو ته هن پهريان ميڊيا سان پنهنجي شادي بابت ڇو نه ڳالهايو.

ميزبان کانئس شادي ۽ ٻارن بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته سندس شادي اوچتو والدين جي مرضي خلاف ٿي آهي.

هن تفصيل سان جواب ڏنو ته هو پنهنجي ماءُ جو انتهائي فرض شناس پٽ هو ۽ ڪڏهن به هن جي ڪنهن به ڳالهه کان انڪار نه ڪيو، جنهن سبب هن کي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ تمام گهڻي آساني ملي ۽ هن جون سڀ خواهشون پوريون ٿي ويون.

هن چيو ته جڏهن سندس ماءُ حج تي وئي ته سندس سس به ساڻس گڏ هئي ۽ هوءَ منهنجي ماءُ کي پنهنجي وڏيءَ ڀيڻ سمجهندي هئي.

شعيب اختر موجب سندس ماءُ سس کي ٻڌايو ته هوءَ شعيب اختر جي ماءُ آهي، پيرني ناهي، جنهن سبب ماڻهو ساڻس ملڻ ايندا آهن ۽ سندس عزت ڪندا آهن، بعد ۾ حج تان واپسيءَ تي منهنجي ماءُ ماڻهن کي دعوت تي گهرايو ۽ پهريون ڀيرو منهنجو تعارف منهنجي ٿيڻ واري زال سان ڪرايو، جيڪا مون کان تمام ننڍي آهي.

Read Previous

لاهور ۾ اسپن بالرز جي اسپيشلائيزڊ ڪيمپ شروع ٿي وئي

Read Next

احمد شهزاد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ پرعزم

Most Popular