پاڪستاني اوپنر احمد شهزاد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ پرعزم آهي.
31 ورهين جو احمد شهزاد نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ سخت ٽريننگ ڪري رهيو آهي، هو انفرادي طور تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريننگ ڪندو آهي.
احمد شهزاد فزيڪل ٽريننگ لاءِ مقامي جم ۾ وڃي ٿو، کيس قومي ڪرڪيٽرن جي ڪيمپ ۾ به دعوت نه ڏني وئي.
ان حوالي سان جيو نيوز سان ڳالهائيندي احمد شهزاد چيو ته هو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي.